عرب دؤر

عرب دؤر: سنڌ ۾ اسلام جي اُڀار وقت ‘برهمڻخاندان جي حڪومت هئي. سنڌ جو آخري هندو حڪمران راجا ڏاهر هو. خليفي وليد بن عبدالملڪ (وفات: 96هه/ 715ع) جي دور ۾، حجاج بن يوسف عراق جو وائسراءِ هو. ان زماني ۾ سنڌ جي فتح لاءِ محمد بن قاسم جي مقرري ٿي. حجاج جو تعلق ثقفي قبيلي سان هو، جنهن پنهنجي ويجهي عزيز محمد بن قاسم کي ان مهم لاءِ مقرر ڪيو. سن 93هه/ 712ع ۾ راوڙ جي جنگ ۾ راجا ڏاهر پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندي شهيد ٿي ويو. ان ريت سنڌ ۾ عرب راڄ جي راهه هموار ٿي. پوءِ محمد بن قاسم فتوحات ڪندو ملتان تائين پهتو. حجاج شوال 95هه/ جون 714ع ۾ فوت ٿيو، تڏهن محمد بن قاسم جي سنڌ جي مهمن کي وڏو نقصان پهتو. جلد پوءِ خليفي وليد بن عبدالملڪ به وفات ڪئي. تڏهن سليمان بن عبدالملڪ (715ع - 717ع)، شام جو نئون خليفو بنجي ويو. نئين خليفي ابن قاسم کي معزول ڪيو، جو پوءِ عراق واپس پتو ۽ واسط جي جيل ۾ واڙي ماريو ويو. جيئن ته سنڌ تي عرب راڄ قائم ٿي چڪو هو، ان ڪري بنو اميه پاران سنڌ لاءِ عرب گورنر مقرر ٿيندا رهيا. سيد حسام الدين راشديءَ جي تحقيق موجب، هن دور ۾ محمد بن قاسم سميت ڪل يارهن گورنر آيا. حڪم بن عوانه جي دور ۾ سنڌ ۾ بغاوت ٿي. راجا ڏاهر جي پٽ جيسينه اروڙ تي قبضو ڪيو. عرب عملدارن ڀڄي اچي برهمڻ آباد جي ڀرسان هڪ ٻيٽ تي پناهه ورتي. عربن ان کي ‘المحفوظه’ (پناهه جي جاءِ) جو نالو ڏنو. دمشق مان عمرو بن محمد بن قاسم تازه دم فوج وٺي، سنڌ ۾ داخل ٿيو. هن سنڌ کي ٻيهر فتح ڪري عربن جو راڄ بحال ڪيو. عمرو ساڳئي علائقي ۾ هڪ نئون شهر ‘المنصوره’ (فتح ڪيل) جي نالي سان، تعمير ڪرايو، ۽ هي شهر پوءِ عربن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. سن 132هه/ 750ع ۾ عرب دنيا ۾ انقلاب آيو. بنو اميه جي جاءِ تي بنو عباس (عباسي گهراڻو)، پنهنجي خلافت قائم ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو. هن خاندان دمشق کي ڇڏي، نئون شهر ‘بغداد’ تعمير ڪيو، ۽ ان کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. سنڌ لاءِ سن 855ع تائين هن خاندان پاران جملي چوٽيهه حاڪم مقرر ٿيا. انهن گورنرن مان اڪثر نااهل، ڪمزور ۽ بزدل هئا. ان ڪري اهي سنڌ کي نه سنڀالي سگهيا، ۽ آهستي آهستي هي ملڪ انهن جي هٿن مان نڪري ويو. سال 855ع ۾ سنڌ تي هباري خاندان جي حڪمراني قائم ٿي. راشدي صاحب جي تحقيق موجب، هباري خاندان جا اٺ فرد سنڌ جا حڪمران ٿيا. هباري به عرب هئا، پر گهڻي وقت کان سنڌ ۾ رهڻ سبب، اهي مقامي سنڌي ماڻهن سان، رشتن ناتن سبب گهڻو ويجهو ٿي چڪا هئا. عمر بن عبدالعزيز هباري، هن خاندان جو پهريون حڪمران هو، جنهن ‘منصوره’ (المنصوره) مان سنڌ تي راڄ ڪيو. هباري خاندان 855ع کان 1010ع تائين، يعني ته 155 سال حڪومت ڪئي. ابتدا ۾ انهن بغداد جي تابيعداري ڪئي، ليڪن اڳتي هلي سنڌ جي آزادي وٺڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. سن 1010ع ۾ سنڌ تان عربن جو راڄ پورو ٿيو. اٽڪل روءِ عربن ٽي صديون سنڌ تي حڪومت ڪئي. سنڌ ۾ اسلام عربن کان اڳ متعارف ٿي چڪو هو، جيڪو عرب دور ۾ لاڳو ٿيو ۽ ان ريت سنڌو ماٿر ۾ وڏي سماجي ۽ ثقافتي تبديلي آئي. منصوره ۽ ديبل جي رستي سان، سنڌ جو باقي دنيا سان، علمي، تمدني ۽ واپاري تعلق قائم رهيو. سنڌ جي اتهاس ۾ عرب دور کي خاص اهميت حاصل آهي.


لفظ عرب دؤرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو